احاديث نبوي

احاديث نبوي (ڪتاب ): هن ڪتاب جو مصنف علي خان ابڙو آهي. هن ڪرائون سائيز ڪتاب ۾ صفحا 154 آهن ۽ قيمت 4 آنا ڄاڻايل آهي. سيد مٺن شاهه حيدرآباديءَ اسٽئنڊرڊ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان 1917ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1919ع ۾ ساڳي پريس مان ڇپيو. ڪتاب جو ٽيون ڇاپو ڀارت واسي پريس، حيدرآباد مان 1921ع ۾ شايع ٿيو. چوٿون ڇاپو، مدن لال پوڪرداس، 1938ع ۾ ڀارت پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان شايع ڪيو.


لفظ احاديث نبويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو